توري ديري

توري ديري (ماڳ): هي دڙو مشهور قديمي ماڳ دبر ڪوٽ جي اتر ۾ ضلع لورالائيءَ ۾ ٽن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. هي ماڳ دبرڪوٽ جي اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي ضلع لورا لائيءَ ۾ آهي. هي دڙو 3 کان 4 فوٽ اوچو آهي. هتي هڪ اڏاوت جا نشان آهن. انهن جون چوٽيون ڊهي چڪيون آهن. هت اڏاوت جا ڪٿي ڪٿي بنياد به نظر اچن ٿا. اهي چورس رٿ جا آهن. پڪ سان دڙي جي وچ تي هئڻ سبب هي ٻڌ جو وهارو آهي، ڇو ته سوات ۽ پشاور ۾ به ان قسم جا آثار ٻڌي دور سان واسطو رکن ٿا. هتان ڪجهه لکتون به مليون آهن. هڪ حصي جي لکت خروشطي خط ۾ آهي، اهي لکتون سَر آرئل اسٽين جي چوڻ موجب ته ڪشان دور جون آهن. اهي پهرين صدي عيسويءَ کان ٽين صدي عيسويءَ جون چيون وڃن ٿيون. اها به هڪ حقيقت آهي ته 1800ق.م ۾ آريا نسل جا ماڻهو جڏهن اولهه ۽ ڏکڻ طرفن کان وچ ايشيا ۽ ايران کان ٿيندا، پشاور ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا هوندا ته سندن رستي ۾ تور ڍيري جو پوڻ لازمي آهي، ڇو ته هي ماڳ قنڌار ۽ سنڌ کي ملائيندڙ رستي تي آهي. انهن لکتن کي گوگ ڌارا ۽ هٿياڻو ڪنڊاڻو سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪي سوات ۽ مالاڪنڊ جا لکتن وارا ماڳ آهن. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي لوڪ اولهه کان ڏکڻ ايشيا ننڍي کنڊ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا رهيا آهن، اها لڏ پلاڻ ٻئي سهسر ق. م ۾ ٿي هوندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو